لال ڪرشن آڏواڻي دهشتگردي خلاف پاڪستان سان گڏيل حڪمت عملي جي مخالفت ڪري ڇڏي

وڪي اخبار کان

20 نومبر 2006

ڀارتي لوڪ سڀا جي حزب مخالف اڳواڻ لال ڪرشن آڏواڻي من موهن سنگهه تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف پاڪستان سان گڏيل حڪمت عملي نه جوڙي وڃي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي جمهوري ملڪ چئي رهيا آهن ته پاڪستان دهشتگردي جو ڳڙهه آهي.

هڪ جلسي کي خطاب ڪندي بي جي پي اڳواڻ آڏواڻي وڌيڪ چيو ته 1993ع وارن بمبئي بم ڌماڪن جي باري ۾ اڳ ئي مهاراشٽر پوليس ظاهر ڪري چڪي آهي ته ان ۾ دائود ابراهيم ملوث هو.

هن ڪانگريس تي تنقيد ڪندي چيو ته حڪومتي پارٽي جا اڳواڻ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ افضل گرو جهڙي دهشتگرد لاءِ معافي جا مطالبا ڪري رهيا آهن. ارون ڌتي راءِ افضل گرو لاءِ رحم جي اپيل ڪري ٿي پر هن کان سنتوش سنگهه ڇو ٿو وسري وڃي جنهن لاءِ پڻ موت جي سزا مقرر آهي.

ذريعا