لاهور هاءِ ڪورٽ مولي عرف مصباح کي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

لاهور هاءِ ڪورٽ 12 ساله مولي عرف مصباح ارم کي پنهنجي ماءُ جي حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اهڙو فيصلو مولي جي ماءَ جي اپيل تي ڪيو ويو.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج ميان ثاقب نثار پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مصباح ارم کي برٽش هاءِ ڪميشن جي عورت اهلڪارن جي حوالي ڪيو ويندو جيڪي ڇوڪري کي ستن ڏينهن اندر اسڪاٽلينڊ موڪلڻ جو بندوبست ڪندا.

ذريعا