لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب حڪومت جا سمورا صلاحڪار ۽ مشير برطرف ڪري ڇڏيا

وڪي اخبار کان

لاهور هاءِ ڪورٽ پنجاب جي حڪومت جا سمورا مشير ۽ صلاحڪار برطرف ڪري ڇڏيا آهن. ڪورٽ صرف پنج مشير ۽ پنج معاون رکڻ جي اجازت ڏني آهي.

سپريم ڪورٽ تي حملي جي الزام هيٺ آيل ٻن مشيرن کي نااهل قرار ڏنو ويو هو. عدالت چيف سيڪريٽري کي چيو آهي ته سمورن مشيرن کان مراعتون کسيون وڃن.

نااهل قرار ڏنل هڪ وزير جو تعلق لاهور سان آهي ۽ اهو مسلم ليگ جي گذريل حڪومت ۾ وزير هو. جڏهن ته ٻيو لاهور جو ڊپٽي ميئر ۽ صوبائي اسيمبلي جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

ذريعا