لاهور ۾ بم ڌماڪو ٻه ماڻهو مارجي ويا، پشاور ۾ پڻ خودڪش بم حملو حمله آور پاڻ مارجي ويو

وڪي اخبار کان

17 نومبر 2006

پنجاب جي شهر لاهور ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته 14 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جڏهن ته پشاور ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ حمله آور پاڻ مارجي ويو.

لاهور وارو ڌماڪو قذافي اسٽيڊيم ڀرسان فيروز پور روڊ تي ٿيو. ان ڌماڪي جي زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. پوليس ذريعن مطابق بم هڪ ڪچري واري دٻي ۾ رکيل هئا جنهن ۾ هڪ ڪلو تائين ديسي ساخت جو بارود شامل هو.

ٻئي طرف پشاور ۾ هڪ خودڪش بم حملي آور هڪ پوليس وين کي بم سان اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان ۾ هو ڪامياب نه ٿي سگهيو. حمله آور پاڻ ان ڌماڪي سبب مارجي ويو آهي.

ياد رهي ته باجوڙ واري واقعي کان پوءِ سرحد ۾ انتهاپسند گروپن اندر سخت تاءُ پکڙيل آهي.

ذريعا