لاهور ۾ هڪ ماءُ چئن ٻارن سميت قتل، پوليس طرفان خانداني دشمني جو امڪان ظاهر ڪيو

وڪي اخبار کان

20 آڪٽوبر 2006

لاهور ۾ هڪ نوجوان ماءُ ۽ سندس چئن ٻارن کي بجلي جو ڪرنٽ ۽ مسلسل ڇُري سان وار ڪري قتل ڪيو ويو. پوليس انهيءَ واقعي کي خانداني دشمني جو نالو ڏنو آهي، قتل ڪندڙ عورت جو ڀاڻيجو ٻڌايو ويو آهي.

انهيءَ واقعي مان هڪ چوڏنهن سالن جو ڇوڪرو بچي نڪتو ۽ رڙيون ڪري پاڙي وارن کي گڏ ڪري ورتائين.

چيو ويو آهي ته ڪرنٽ لڳڻ سبب اڪثر لاش سڙي چڪا هئا، گهر جي ٽن ڪمرن ۾ هر طرف رت پکڙيل هو. قاتل جو چوڻ آهي ته هن اهي قتل پنهنجي پڦيءَ جي چوڻ تي ڪيا.

ذريعا