لاڙڪاڻو بدامني

وڪي اخبار کان

لاڙڪاڻو اغوا جون وڌندڙ وارڌاتون..........زبير زرار منگي

لاڙڪاڻي ويجهو اڻڄاتل هٿياربندن واپاري چندر لال کي اغوا ڪري ويا، پوليس ناڪابندي بعد هڪ هٿياربند کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. واپاري چندر لال کي ڌامراهه کان رتوديرو ويندي ڪار ۾ سوار اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري کڻي ويا، مزاحمت تي هٿياربندن مغوي نوجوان جي پيءُ جڳو مل کي زخمي ڪيو. زخمي ٿيل جڳو مل کي چانڊڪا سپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيوويو آهي. واقعي جي اطلاع تي پوليس علائقي جي ناڪابندي ڪري مغوي جي بازيابي لاءِ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي تلاشي ورتي،جنهن دوران نوجوان واپاري جي اغوا ۾ ملوث هٿياربندن مان هڪ ڄڻي کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري ورتو آهي.