لاڙڪاڻي جي واپارين نثار کهڙو جي اپيل رد ڪري ڇڏي

وڪي اخبار کان

لاڙڪاڻو صرافا يونين جي اڳواڻن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙو جي درخواست رد ڪري ڇڏي....زبير زرار منگي...

لاڙڪاڻي جي صرافا ايسوسئيشن جي اڳواڻن سنڌ اسيمبليءَ جي اسيپڪر نثار احمد کهڙو جي اپيل مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو آهي ته سونارن کان ڦر واري واقعي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتارين تائين سندن احتجاج جاري رهندو. سونارن کان 80 تولا سون ڦر ٿيڻ واري واقعي خلاف صرافا يونين پاران چئن ڏينهن کان شٽربند هڙتال جاري آهي. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار احمد کهڙو چيمبر آف ڪامرس جي اڳواڻن سان گڏجي صرافا يونين جي آفيس پهتو، جتي هن اڳواڻن سان ملاقات ڪري واقعي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ کين احتجاج ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي. سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر نثار کهڙو صرافا يونين جي اڳواڻن کي يقين ڏياريو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ قدم کنيا ويندا. صرافا يونين جي ا ڳواڻن نثار احمد کهڙي جي اپيل کي رد ڪندي چيو ته واقعي ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڦر ٿيل سون جي واپسي تائين سندن احتجاج جاري رهندو.