لاڙڪاڻي ۾ فريال ٽالپر امدادي چيڪ ورهايا

وڪي اخبار کان

لاڙڪاڻي ۾ فريال ٽالپر مستحقن ۾ امدادي چيڪ ورهايا...زبير زرار منگي..

پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين اي ۽ صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ فريال ٽالپر لاڙڪاڻي جي مستحق عورتن ۾ سلائي مشينون ۽ زڪوات جا چيڪ ورهايا آهن، فريال ٽالپر چيو آهي ته عوام کي بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪيون وينديون. لاڙڪاڻي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي فريال ٽالپر چيو ته يوسي سطح تي عوام کي بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن ميڊيا کي عوام جي بنيادي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي. فريال ٽالپر چيو ته ضلعي ۾ ڊرينيج نظام کي بهتر ڪيو ويندو ۽ ماڻهن کي صاف پاڻي جي فراهمي به يقيني بڻائي ويندي. ان موقعي تي هن هڪ سئو مستحق عورت ۾ سلائي مشينون ۽ هڪ سئو 75 عورتن ۾ زڪوات جا چيڪ ۽ تعليم کاتي جي سپروائيزس ۾ 2 سئو 80 موٽرسائيڪلون به ورهايون.