لبنان جي وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ حزب الله طرفان بيروت ۾ لکين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

لبنان جي وزيراعظم کي هٽائڻ لاءِ حزب الله طرفان بيروت ۾ لکين ماڻهن جو احتجاجي مظاهرو ٿيو آهي. مظاهرين جو مطالبو هو ته لبنان جو وزيراعظم فوري طور مستعفي ٿي وڃي.

ذريعن مطابق لکين ماڻهو احتجاج دوران بيروت جي رستن تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ٻئي طرف لبناني وزيراعظم فواد سنيورا جو چوڻ آهي ته هو پارليامينٽ جي حمايت سان وزيراعظم ٿيو آهي ۽ جيستائين پارليامينٽ جي حمايت حاصل هوندي ان وقت تائين هو مستعفي نه ٿيندو.

ان باري ۾ آمريڪا جو چوڻ آهي ته ايران ۽ شام جون حڪومتون لبناني حڪومت کي ڪيرائڻ چاهين ٿيون.

ان لکين ماڻهن واري مظاهري جي اڳواڻي حزب الله اڳواڻ ۽ فوج جو سابق جنرل مشل آئيون ڪري رهيو هو. ان مطالبو ڪيو ته موجوده حڪومت کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي قومي حڪومت تشڪيل ڏني وڃي.

ذريعا