لوڊشيشنگ سبب ڪاٽن فيڪٽري جي مالڪن پاران فيڪٽريون بند ڪرڻ جو چتاءُ

وڪي اخبار کان
رپورٽ: زبير زرار منگي

خيرپور ۽ نوشهروفيروز جي ڪاٽن فيڪٽريز جي انتظاميا لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ جي صورت ۾ 5 نومبر کان فيڪٽرين کي تالا هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. اهڙو اعلان خيرپور ۾ گذريل ڏينهن ڪاٽن فيڪٽري مالڪن جي گڏجاڻي کانپوءِ اڄ ڪيو ويو آهي. ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڪاٽن جنرس ايسوسيئيشن نوشهروفيروز جي ضلعي وائيس چيئرمين پريم چند ڪوهستاني ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٿيل گڏجاڻي ۾ ٻنهي ضلعن جي 28 فيڪٽري مالڪن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. هن چيو ته هڪ پاسي لوڊشيڊنگ سبب ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي ته ٻي پاسي ٽيڪسٽائيل ملز پاران ڪپهه خريد نه ڪرڻ سبب ڦٽيون خراب ٿي رهيون آهن. هن چيو ته گڏجاڻي ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته بجلي بحران ختم ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ فيڪٽرين جي تالا بندي ڪئي ويندي.