ماتلي ڀرسان روڊ حادثي ۾ ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت، 20 زخمي

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

ماتلي ڀرسان بدين حيدرآباد روڊ تي هڪ حادثي جي نتيجي ۾ ماءُ پٽ سميت ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. اهو حادثو ان وقت پش آيو جڏهن تيز رفتار مسافر ڪوسٽر ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿي پيو.

حادثي ۾ 20 کان وڌيڪ مسافر زخمي پڻ ٿي پيا جن مان ڪجهه جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي آهي. زخمين کي حيدرآباد ۽ بدين جي اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. حادثي بعد ڪوسٽر مڪمل طور تباه ٿي ويو.

ذريعا