ماڻهن لاءِ ”ڀڳوان“ جي حيثيت رکندڙ اميتاڀ بچن چوهٺ سالن جو ٿي ويو

وڪي اخبار کان

انڊيا جي فلم انڊسٽري جو ”ڀڳوان“ سڏجندڙ اميتاڀ بچن 11 آڪٽوبر تي چوهٺ سالن جو ٿي ويو آهي. کيس واڌايون ڏيڻ لاءِ سندس بنگلي ٻاهران هزارين ماڻهو گڏ ٿي ويا.

پوري دنيا ۾ اميتاڀ جا ڪروڙين مداح آهن، انڊيا ۾ کيس ”ڀڳوان“ جو درجو ڏنو ويندو آهي. اميتاڀ هميشه پنهنجي سالگره سادي انداز ۾ ملهائيندو آهي.

ياد رهي ته اميتاڀ هن عمر ۾ به ڪيترن ئي نوجوان اداڪارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مشهور آهي، هن وقت جي فلمن ۾ پڻ ليڊنگ رول ڪندي نظر اچي ٿو. کيس بي شمار ايوارڊ پڻ ملي چڪا آهن.

ذريعا