متحده قومي مومينٽ پاران ڀارت جي ريلوي وزير لالو پرساد يادو کي پاڪستان اچڻ جي دعوت

وڪي اخبار کان

6 ڊسمبر 2006

متحده قومي مومينٽ ڀارت جي ريلوي وزير لالو پرساد يادو کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم هن جي استقبال لاءِ هڪ ريلي جو اهتمام پڻ ڪندي.

ايم ڪيو ايم جي ڳواڻ فاروق ستار پڌرو ڪيو آهي ته لالو پرساد يادو کي اهڙي دعوت ڏني وئي آهي. هن جي اچڻ جي صورت ۾ اورنگي واري علائقي مان ريلي جو پڻ اهتمام ڪيو ويندو جتي بهارين جي اڪثريت آهي.

ذريعا