متحده مجلس عمل جون عورت اسيمبلي ميمبر حدود ترميمي بل خلاف احتجاجي استعيفائون نه ڏينديون، جي يو آءِ

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

متحده مجلس عمل جون عورت اسيمبلي ميمبر حدود ترميمي بل المعروف عورت تحفظ بل خلاف احتجاجي طور استعيفائون نه ڏينديون. اهڙي پڌرائي جي يو آءِ (ف) جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات مولانا امجد خان ڪئي.

مولانا جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙو فيصلو ايم ايم اي جي سپريم ڪائونسل جي رضامندي سان ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ايم ايم اي استعيفائن واري فيصلي تي قائم آهي جڏهن ته پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) استعيفائون نه ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي.

مولانا امجد چيو ته استعيفائن بابت بحث 4 ڊسمبر واري گڏجاڻي ۾ ڪيو ويندو. سينيٽ جون عورت ميمبر پڻ سينيٽ تان استعيفائون نه ڏينديون.

ذريعا