مدد جو مواد

وڪي اخبار کان

وڪي اخبار، وڪي ميڊيا فائونڊيشن جي تعاون سان هلي ٿي. هن ويب سائٽ کي تيار ڪرڻ ۾ ڪنهن اداري نه بلڪه اوهان ۽ اسان جو هٿ آهي. هن سائٽ تي موجود مواد کي هرڪو ايڊٽ ڪري سگهي ٿو.


ڪجهه وڪي اخبار جي باري ۾

هتي موجود مواد کي هرڪو ايڊٽ ڪري سنواري ۽ سڌاري سگهي ٿو. اسان جي پاليسي آهي غير جانبدار نموني سان خبرن ۽ مضمونن کي شايع ڪرڻ. وڪي اخبار والينٽئرس جي سهاري هلي ٿي جيڪي هن کي پنهنجو قيمتي وقت ۽ پئسن جي سپورٽ وغيره ڪن ٿا. هن اداري وٽ ڪي به اشتهار نه آهن. هتي بحث مباحثي کي هميشه اتساهيو ويندو آهي. هن کي اهڙي طرح تيار ڪيو ويو آهي جو پهريون ڀيرو ايندڙ به آسانيءَ سان هن سائٽ تي ڪم ڪري سگهي.

مان ڪٿان ۽ ڪيئن شروع ڪري سگهان ٿو؟

سڀ کان پهريان اوهان کي ڏسڻو پوندو خامي ڪٿي آهي، جيڪڏهن ڪنهن پيج تي خامي موجود آهي ۽ اوهان چاهيو ٿا ان خاميءَ کي دور ڪرڻ گهرجي ته پوءِ صفحي مٿان موجود ايڊٽ کي تي ڪلڪ ڪري اوهان اهي درستگيون ڪري سگهو ٿا. جيڪڏهن اوهان ڪا نئين خبر پوسٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته صرف ان خبر جو عنوان پهرين صفحي تي موجود ”ڪريئيٽ آرٽيڪل“ واري خاني ۾ لکو ۽ ڪلڪ ڪريو اهو صفحو اوهان کي ايڊٽ واري خاني ڏانهن وٺي ويندو جتي اوهان پنهنجو مواد لکي پوسٽ ڪري سگهو ٿا.

خبر يا مضمون جي آخر ۾ ڪيٽگري ”ٽيگ“ لڳائڻ

هر خبر يا مضمون جي آخر ۾ ضروري آهي ته ”ڪيٽگري“ جو ٽيگ لڳايو وڃي جيڪڏهن اوهان جو ٽيگ شايع ٿيل ڪيٽگري جو آهي ته ان جو مطلب اوهان جي پوسٽ ڪيل خبر خودڪار طور تي پهرين صفحي تي ظاهر ٿي ويندي. اهڙي طرح ٽيگ جو استعمال انتهائي اهم آهي.

ڪيٽگري ”شايع ٿيل“

هن ٽيگ جو مطلب آهي ته اوهان جي پوسٽ ڪيل خبر هڪدم پهرين صفحي تي شايع ٿي ويندي. هن ٽيگ کي لکڻ جو طريقو آهي هيٺ ڏنل آهي سمورو مواد لکي آخر ۾ ڪيٽگري ٽيگ لڳائڻ ضروري آهي ٻي صورت ۾ اوهان جي خبر ته موجود رهندي پر پهرين صفحي تي شايع ٿيڻ کان رهجي ويندي.


ٻيون ڪيٽگريز

ان کان علاوه پهرين صفحي تي موجود ڪيٽگريز مان ڪهڙي به ڪيٽگري جو ٽيگ استعمال ۾ آڻي سگهو ٿا. مثال طور: سنڌ، پاڪستان، ايشيا، رانديون وغيره. ياد رهي ته خبر جي مواد جو جنهن ڪيٽگري سان تعلق هجي صرف اهو ئي ٽيگ لڳائڻ کپي، غير ضروري ٽيگ کي هٽائي سگهجي ٿو. اوهان نيون ڪيٽگريون به هڻي سگهو ٿا.

بنا تعصب تازه ترين اعتبار جوڳيون اهم توڙي تفريحي خبرون

وڪي اخبار حصيداري واري صحافت کي هٿي ڏيئي ٿي، اسان کي يقين آهي ته هر شهري ڄاڻي ٿو ته اصل ۾ خبر ڇا آهي. اوهان به هن ڪوشش ۾ شامل ٿي پنهنجي دلچسپيءَ جون خبرون ٻين تائين پهچايو.

وڪي اخبار پروجيڪٽ، وڪي ميڊيا فائونڊيشن جو هڪ مفت مواد خبرن جو ذريعو آهي جتي هر ڪنهن کي عام دعوت آهي ته هو حصيداري ڪري سگهي. وڪي اخبار جوڙڻ جو مقصد هڪ اهڙو وايو منڊل جوڙڻ آهي جنهن ذريعي ”ميڊيا“ کي وڌيڪ سگهارو ڪري سگهجي.

وڪي اخبار ٿورين اصل خبرن جي باوجود ڪارائتو آهي ڇاڪاڻ ته اهو ٻئي هنڌان مفت، غيرجانبدار، مختصر ۽ جامع خبرون مهيا ڪري ٿو.

وڪي اخبار پنهنجي نوعيت جو هڪ ڪارائتو ذريعو آهي، ائين سمجهو ته وڪي اخبار ”ايسوسيئٽڊ پريس“ يا ”ريوٽرز“ جو متبادل آهي, جيڪو هر ڪنهن کي فري مواد مهيا ڪرڻ سان گڏ کين رپورٽنگ ڪرڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪري ٿو. ڪاپي ليفٽ جا ٿورا ڇاڪاڻ ته ان جي ذريعي هر ڪو پنهنجون خبرون مهيا ڪري سگهي ٿو پوءِ ڀلي اهو غيرجانبدار نه به هجي.

جيتوڻيڪ ڪيترائي چيلنج درپيش آهي ان باوجود وڪي اخبار پنهنجي انداز سان ڪم ڪندو رهندو. وڪي اخبار جا اصول بلڪل ساڳيا آهن جيڪي ”وڪي پيڊيا“ ۽ ٻين ”وڪي ميڊيا“ جي ويب سائيٽن لاءِ آهن، يعني غيرجانبدار، مفت مواد ۽ کليل بحث مباحثي جو طريقه ڪار.