مذهبي انتهاپسند اسان سڀني کي طالبانائزيشن طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا، برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر

وڪي اخبار کان
برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر

19 نومبر 2006

برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر چيو آهي ته مذهبي انتهاپسند اسان سڀني کي طالبانائزيشن طرف وٺي وڃڻ چاهين ٿا. هن اها ڳالهه پاڪستاني دوري کان پوءِ صدر سان ملاقات بعد صحافين کي خطاب ڪندي چئي.

هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ کي هڪ عالمگير جدوجهد طور تي ڏسڻ گهرجي. ان کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسلامي عسڪريت پسندي کي نه روڪيو ويو ته ٽين عالمي جنگ لڳي سگهي ٿي.

ملاقات بعد مشترڪه بريفنگ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي 480 ملين پائونڊ امداد ڏني ويندي. ان مان گهڻي امداد مدرسن جي سڌاري لاءِ ڏني هوندي.

ان وقت صدر مشرف ان بيان جي ترديد ڪندي چيو ته هن ڪڏهن به ائين نه چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ نه ٿي کٽي سگهجي. هن چيو ته دشمن اڳيان هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين.

ذريعا