مذهبي اڳواڻ سيد قبول شاهه هٿياربندن هٿان قتل، قاتل فرار ٿي ويا

وڪي اخبار کان

سرحد ۾ مشهور مذهبي اڳواڻ سيد قبول شاهه کي نامعلوم هٿياربندن گهر ڀرسان فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. هن موقعي تي دم ڏنو.

ڪنهن به گروپ قتل جي ذميواري نه قبولي آهي. هڪ مزار جي تنازعي تان شروع ٿيل ان خونريزي ۾ هينئر تائين لڳ ڀڳ 23 ماڻهو مارجي چڪا آهن. جڏهن ته قبائلين جو چوڻ آهي ته ان کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن.

ذريعا