مذهبي جهادين خلاف ڀارت طرفان غيرمعمولي قدم، پنجاه لک ”واچ ڊاگ“ رکيا ويندا

وڪي اخبار کان

4 نومبر 2006

مذهبي جهادين کي منهن ڏيڻ واسطي ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ پنجاه لک ”واچ ڊاگ“ رکندو. ڀارتي ذريعن جي دعوا مطابق اهڙو غير معمولي قدم مذهبي دهشتگردن ۽ پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ خلاف کنيو ويو آهي.

ڀارتي ذريعن طرفان چيو ويو آهي ته اسان پنهنجي تحفظ لاءِ اهڙو قدم کنيو آهي. اسان چاهيون ٿا ته اسان کي دهشتگردي بابت اڳواٽ خبرداري حاصل ٿي سگهي. ان ۾ خانگي جاسوس پڻ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

ذريعا