مذهبي جهادي ٻيهر افغانستان ڏانهن موٽي رهيا آهن، نئين طالبان تحريڪ اڀري پئي

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

خبرن ۾ چيو ويو آهي ته دنيا جي مختلف خطن خاص طور عراق مان مذهبي جهادي ٻيهر افغانستان ڏانهن موٽي رهيا آهن.

اهو پڻ چيو ويو آهي ته طالبان پنهنجو پاڻ کي نئين سر منظم ڪري افغانستان ۾ پنهنجون ڪاروائيون تيز ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن.

ياد رهي ته پاڪستان طرفان وزيرستان ۾ قبائلين سان ٿيل امن معاهدي کان پوءِ افغانستان تي ٿيندڙ اهڙن حملن ۾ نمايان واڌ آئي آهي.

ذريعا