مرزا طاهر جي ڦاسي، ٽوني بليئر رحم جي اپيل ڪري ڇڏي

وڪي اخبار کان

برطانوي شهري مرزا طاهر حسين کي هڪ ٽيڪسي ڊرائيور جي قتل جي سزا طور پهرين نومبر تي ڦاسي اچڻي آهي، برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر، صدر مشرف کي ان سزا تي نظرثانيءَ لاءِ چيو آهي.

ياد رهي ته ڦاسي جي ڏينهن دوران 29 آڪٽوبر کان 3 نومبر تائين پاڪستان ۾ برطانوي شهزادو چارلس ۽ سندس گهرواري دوري تي هوندا، برطانيه جي ڪجهه حلقن چارلس کان دورو ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.

ذريعا