مرزا طاهر ۽ محمد افضل جون ڦاسيون ملتوي، ٻنهي ملڪن هڪ ئي وقت فيصلو تبديل ڪيو

وڪي اخبار کان

ڀارتي پارليامينٽ تي حملي جي الزام هيٺ آيل محمد افضل ۽ ٽيڪسي ڊرائيور جي قتل الزام هيٺ آيل برطانوي شهري مرزا طاهر جون ڦاسيون ملتوي ڪيون ويون آهن.

محمد افضل کي ويهين آڪٽوبر تي ڦاسي اچڻي هئي، جڏهن ته مرزا طاهر کي پهرين نومبر تي ڦاسي اچڻي هئي. محمد افضل جي ڦاسي کي اڻ ڄاڻايل عرصي تائين ملتوي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مرزا طاهر جي ڦاسي کي 31 ڊسمبر تائين.

محمد افضل کي انڊيا ۾ جڏهن ته مرزا طاهر کي پاڪستان ۾ ڦاسي اچڻي هئي، اتفاق سان ٻنهي جون ڦاسيون هڪ ئي ڏينهن تي اعلان ڪري روڪيون ويون آهن.

ذريعا