مسلمان ٻٽي معيار جا شڪار آهن هڪ ئي وقت غالب به ۽ مغلوب به!، سينئر بشپ

وڪي اخبار کان

5 نومبر 2006

برطانيه جي ڪليسا جي هڪ سينئر بشپ چيو آهي ته مسلمان دنيا جي حوالي سان ٻٽي معيار جو شڪار ٿي پيا آهن. اهي هڪ ئي وقت غالب هجڻ ۽ مظلوم هجڻ جو تجربو ڪري رهيا آهن.

سينئر بشپ مائيڪل نذير علي جو چوڻ هو ته مسلمانن سان زيادتي ختم ڪرڻ درست عمل ئي ليکبو جيئن بوسينا يا ڪوسوو جن تي جبر ڪيو پئي ويو. پر افغانستان جي ويڙهاڪن لاءِ اهو چوڻ درست نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته انهن زوري ٻين کي پنهنجو محڪوم بڻايو.

موجوده معاشري ۾ گهڻا سبب ان ڳالهه جي حق ۾ آهن ته عورتون نقاب نٿيون پائي سگهن ڇاڪاڻ ته اڄ جو معاشرو شناخت جو گهرجائو آهي.

ذريعا