مسلم ليگ (ن) جو اڳواڻ ۽ سندس دوست هڪ حملي ۾ مارجي ويا، ٽي ڄڻا زخمي

وڪي اخبار کان

1 نومبر 2006

مسلم ليگ (ن) جو تعلقي صدر ۽ اڳوڻو ميونسپل چيئرمين حاجي اصغر علي ۽ سندس هڪ دوست هڪ اوچتي حملي ۾ مارجي ويا آهن جڏهن ته سندس ٽي ساٿي سخت زخمي ٿي پيا آهن.

چيو ويو آهي ته اصغر علي لاهور کان فيصل آباد موٽي رهيو هو ته چڪ 60 والي پل ڀرسان مٿن اوچتو ڪجهه ماڻهن طرفان هٿيارن سان حملو ڪيو ويو. جنهنڪري اصغر علي ۽ سندس هڪ دوست نالي محمد خان موقعي تي دم ڏنو جڏهن ته ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.

ذريعا