مسلم ليگ (ن) جي سربراه نواز شريف متحده مجلس عمل کي اسيمبلين تان استعيفا نه ڏيڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

مسلم ليگ (ن) جي سربراه نواز شريف متحده مجلس عمل کي اسيمبلين تان استعيفا نه ڏيڻ جي صلاح ڏني آهي.

نواز شريف قاضي حسين احمد ۽ مولانا فضل الرحمان کي چيو آهي ته اهي عورت تحفظ بل جي مخالفت ۾ پنهنجي استعيفائن واري فيصلي تي نظرثاني ڪن.

ذريعن موجب نواز شريف ساڻن فون تي ڳالهائيندي چيو ته استعيفائن وارو فيصلو وقتائتو نه آهي. هن ٻنهي اڳواڻن کي صلاح ڏني ته آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائڻ لاءِ ڪوششون وٺن ته جيئن گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي.

ذريعا