مشرف جي بلوچستان دوري وقت صوبي ۾ هڙتال، نيشنل پارٽي جي حاصل بزنجي ۽ ٻين جي گرفتاري جا اطلاع

وڪي اخبار کان

16 نومبر 2006

صدر مشرف جي بلوچستان دوري جي موقعي تي نيشنل پارٽي پاران احتجاج طور هڙتال ڪئي وئي. ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽي جي قتل کان پوءِ صدر جو اهو پهريون دورو هو.

ذريعن مطابق بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا هنيا ويا. رستن تي ٽريفڪ به گهٽ رهڻ جا اطلاع آهن. ٻين پارٽين پڻ ان هڙتال جي حمايت ڪئي هئي. بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن مان ڪاروباري مرڪز بند ٿيڻ جا اطلاع آهن جنهن ۾ ڪوئٽا، خضدار، نوشڪي، مستونگ، حب، گوادر، تربت ۽ ٻيا ڪيترائي شهر شامل آهن.

نيشنل پارٽي جي اڳواڻ جان محمد بليدي مطابق مير حاصل بزنجو ۽ ملا برڪت کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته پوليس ذريعن انهن جي ضلعي بدري جو ٻڌايو آهي. سرڪاري ذريعن پهريان ان دوري کي جرڳي جو نالو ڏنو هو. جنهن ۾ صدر کي قبائلي سردارن کي خطاب ڪرڻو هو. بعد ۾ اهو جلسو ٻي صورت اختيار ڪري ويو ذريعن مطابق مذڪوره سردارن اهڙي جلسي ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.

نيشنل پارٽي اهو پڻ اعلان ڪيو هو ته اهي گوادر ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندا جنهن جي اڳواڻي مرڪزي اڳواڻ ڪندا. جيڪو گرفتارين بعد نه ٿي سگهيو. ذريعن مطابق نيشنل پارٽي جا 145 ڪارڪن پڻ گرفتار ڪيا ويا آهن.

ذريعا