مشرف پاران اعلانيل بلوچستان جرڳو قبول ناهي، بلوچستان نيشنل پارٽي

وڪي اخبار کان

21 آڪٽوبر 2006

بلوچستان نيشنل پارٽي چيو آهي ته صدر مشرف پاران اعلانيل جرڳو قبول نه آهي. جيئن وزيراعظم جي بلوچستان دوري وقت اڻ اعلانيل ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو تيئن صدر مشرف جي اعلانيل جرڳي وقت سموري شهر کي فوج حوالي ڪيو ويندو.

بي اين پي جي اڳواڻ رئوف مينگل جو وڌيڪ چوڻ هو ته پرويز مشرف پاران نواب اڪبر بگٽي کي قتل ڪرائڻ کان پوءِ هن جو بلوچستان جي ماڻهن سان قاتل ۽ مقتول وارو رشتو آهي.

بي اين پي اڳواڻ چيو ته وفاق بلوچستان جو قرضي آهي، بلوچستان جو عوام هاڻي وفاق طرفان بلوچستان جي ڦرلٽ واري راند کي سمجهي چڪو آهي، بلوچن وٽ طاقت آهي جيڪا پنهنجا حق وٺڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي.

ذريعا