مشهور ۽ متنازعه عرب ٽي وي چينل الجزيره انگريزي ۾ به نشريات شروع ڪري ڇڏي

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

مشهور عرب ٽي وي چينل ”الجزيره“ پنهنجي نشريات هاڻ انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. الجزيره دنيا جي لاءِ هڪ متنازعه ترين چينل رهيو آهي جنهن ۾ القائده جي حوالي سان خبرون پيش ٿينديون رهيون آهن.

ذريعن مطابق اهو چينل انگريزيءَ ۾ تقريبن 80 ملين گهرن لاءِ پنهنجي نشريات جاري ڪئي آهي. قطر جي گادي واري هنڌ دوها مان هلندڙ هن چينل کي عربن ۾ گهڻي پذيرائي حاصل ٿي هئي انگريزي نشريات جو آغاز 15 نومبر 3 بجي ڌاري ڪيو ويو. چينل جي نشريات سڌي ڪوريج ذريعي شروع ٿي ۽ ان خبر جو تعلق غزه واري علائقي سان هو.

ان خبر ۾ چيو ويو ته فلسطيني ويڙهاڪن جي راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ اسرائيلي عورت مارجي ويئي آهي.

ذريعا