معدني وسيلن تي قبضا ناڪام بڻايا ويندا:بشير قريشي

وڪي اخبار کان

سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضا ناڪام بڻايا ويندا:جسقم چيئرمين بشير قريشي.... رپورٽ: زبير زرار منگي

جسقم چيئرمين بشير قريشيءَ چيو آهي ته سنڌ جي معدني وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو . نوابشاهه ۾ هڪ تقريب دوران صحافين سان ڳالهائيندي جسقم چيئرمين چيو ته قادرپور گيس فيلڊ کي خانگائڻ خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي، جنهن جي شروعات ٿي چڪي آهي. بشير قريشيءَ چيو ته سنڌ نازڪ ۽ ڏکئي دور مان گذري رهي آهي ۽ ان جي وسيلن کي ڌارين حوالي ڪيو ويو آهي، جن تي صرف سنڌين جو حق آهي. هن چيو ته سنڌ جي معدني وسيلن تي ٿيندڙ قبضي جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جنهن کي ملڪ جي چئني صوبن جي زنجير سمجهيو ويندو هو کيس سنڌي هئڻ سبب شهيد ڪيو ويو . بشير قريشيءَ جو چوڻ هو ته ٿل ڪينال سميت ڪنهن به سنڌ دشمن رٿا کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ سرفراز ميمڻ، اخلاق جوکيو، فقير امداد منگي، نجف لغاري، ڪيهرانصاري ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.