ملڪ جي سالميت کي دهشتگردي، ويڙهاڪ گروپن ۽ گن ڪلچر مان خطرو آهي، بي نظير ڀٽو

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو چيو آهي ته ملڪ جي سالميت کي دهشتگردي، ويڙهاڪ گروپن ۽ گن ڪلچر مان خطرو وڌي ويو آهي. جنهن کي پاڙان پٽڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه پيون ورتيون وڃن.

فياض علي شاه طرفان ڪرايل هڪ پروگرام ڏانهن موڪليل پنهنجي پيغام ۾ هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ اليڪشن کان اڳ مان پاڪستان ضرور موٽندس.

بينظير ڀٽو جو چوڻ هو ته ايندڙ اليڪشن 2007ع کان اڳ هوءَ عوام سان گڏ هوندي ۽ جنرل توڙي جمهوريت جا مخالف بري شڪست کائيندا. غيرجانبدار چونڊن ۾ ئي ملڪ جي بهتري آهي، نواز شريف ۽ مان گڏجي موٽنداسين ۽ اليڪشن ۾ حصو وٺنداسين.

ذريعا