ممتاز ڀٽي سنڌ دوست ڌرين کي اليڪشني سياست کان پاسيرو ٿي سنڌ جي حقن لاءِ جدوجهد جي صلاح ڏئي ڇڏي

وڪي اخبار کان
فائل:Mumtaz bhutto sindh.jpg
ممتاز علي ڀٽو

13 نومبر 2006

سنڌ نيشنل فرنٽ جي سربراهه ممتاز علي ڀٽي چيو آهي ته سنڌ دوست ڌرين کي اليڪشني سياست کان پاسيرو ٿي سنڌ جي حقن لاءِ عمل جي ميدان ۾ اچڻ گهرجي.

خيرپور جي هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيل فرنٽ جي مرڪزي اجلاس کي خطاب ڪندي ممتاز ڀٽي وڌيڪ چيو ته اقتدار منهنجي منزل نه آهي، صوبائي خودمختياري جي حمايت سبب ئي پيپلز پارٽي کان الڳ ٿيڻو پيو.

سنڌ قومي اتحاد جي ڪنوينرشپ تان ڏنل استعفا متعلق هن چيو ته هڪ سال تائين اتحاد جون ذميواريون نڀايون آهن هاڻي ٻين دوستن کي اڳتي اچڻ گهرجي.

هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪنڪرنٽ لسٽ واري صوبائي خودمختياري اسان جي منزل نه آهي بلڪه حقيقي خودمختياري اسان جي منزل آهي جنهن ۾ اقتدار ۽ وسيلن تي مالڪي ڌرتي ڌڻين جي هجي.

ذريعا