ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد اسلام آباد وارن کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو، عبدالواحد آريسر

وڪي اخبار کان

26 نومبر 2006

جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالواحد آريسر چيو آهي ته ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد اسلام آباد وارن کي ڏيکارڻ لاءِ ٺاهيو هو ته جيئن سنڌ جي وڏ وزارت ماڻي سگهي.

ميهڙ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته اتحاد ٺاهڻ جو مقصد ئي اهو هو ته ظاهر ڪري سگهجي ته سنڌ جون سموريون ڌريون ساڻس گڌ آهن.

هن چيو ته اتحاد جڏهن سرگرم ئي نه ٿيو هو ته ممتاز ڀٽي استعيفا ڏئي ڇڏي. پارلياماني سياست مان سنڌ کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو. هن چيو ته حڪمران صوبن جي قدرتي وسيلن تي قبضي لاءِ قومپرستن کي خريد ڪري رهيا آهن.

ذريعا