ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي اڳواڻي تان استعيفا ڏئي سياسي طور نابالغي جو ثبوت ڏنو، قادر مگسي

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته سنڌ جي قومپرست سياست اڃا پنهنجي نابالغي واري دور مان گذري رهي آهي، ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي اڳواڻي تان استعيفا ڏئي سياسي طور نابالغي جو ثبوت ڏنو.

هن وڌيڪ چيو ته نئين بلدياتي نظام سان سنڌ ۾ وڏيرا شاهي جي ڪرندڙ ديوار کي ٽيڪو ڏنو ويو آهي. اسان کي جبر ۽ زور زبردستي وارو پاڪستان نه کپي اسان چاهيون ٿا ته سڀني صوبن کي خودمختياري ڏني وڃي، ڇاڪاڻ ته موجوده پاڪستان ۾ پنجاب جي بالادستي قائم آهي.

قادر مگسي جو چوڻ هو ته نون صوبن جو راڳ الاپي سنڌ کي ورهائڻ جي رٿا جوڙي وئي آهي جنهن جي هر سطح تي مزاحمت ڪئي ويندي.

ذريعا