ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد کي سرگرم نه ڪري سگهڻ جي اعتراف سميت استعفا ڏئي ڇڏي

وڪي اخبار کان

12 نومبر 2006

سنڌ نيشنل فرنٽ ۽ سنڌ قومي اتحاد جي سربراه ممتاز علي ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي ڪنوينرشپ تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي اهڙي تصديق فرنٽ جي مرڪزي اڳواڻن گل محمد جکراڻي ۽ ايوب شر ڪئي.

گل محمد جکراڻي جو چوڻ هو ته ممتاز ڀٽي سنڌ قومي اتحاد جي ڪنوينرشپ تان استعفا ڏني آهي، سنڌ قومي اتحاد پنهنجي سرگرمين سميت هاڻ به موجود آهي. ممتاز ڀٽي جي استعفا جو سبب ٻڌائيندي هن چيو ته اتحاد اميد مطابق سرگرم ۽ فعال نه ٿي سگهڻ ڪري ممتاز ڀٽي اهو فيصلو ڪيو. جکراڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ قومي اتحاد جي اجلاسن ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ، جيئي سنڌ محاذ زين شاهه ۽ خالق جوڻيجو گروپ جي مسلسل غير حاضري پڻ استعفا جو اهم سبب آهي.

جکراڻي جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ نيشنل فرنٽ اڃا به سنڌ قومي اتحاد جو حصو آهي، استعفا جو مقصد صرف اهو آهي ته ڪو ٻيو اچي سنڌ قومي اتحاد جي سربراهي ڪري ۽ ان کي فعال بڻائي.

ٻئي طرف جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ بشير قريشي چيو آهي ته سندس پارٽي سنڌ قومي اتحاد جي اجلاسن ۾ حاضر رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته اسان جي خواهش آهي ته سنڌ قومي اتحاد ممتاز ڀٽي جي سربراهي ۾ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد شروع ڪري.

ذريعا

  • سنڌي ٽي وي چينل ”ڪي ٽي اين“
  • سنڌي ٽي وي چينل ”سنڌ ٽي وي“