منو ڀيل خاندان جي بازيابيءَ لاءِ ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي، سنڌ ۾ نجي جيلن جو سلسلو جاري

وڪي اخبار کان

28 نومبر 2006

منو ڀيل جي خاندان جي ڪيترائي سال گذرڻ باوجود بازيابيءَ لاءِ ڪابه پيش رفت نه ٿي سگهي آهي توڙي جو هو ڪيتريون ئي بک هڙتالون، مظاهرا ۽ بالا حڪام کي اپيلون ڪندو رهيو آهي.

ذريعن موجب هن جو خاندان هڪ مقامي زميندار جي قبضي ۾ آهي. هن جي گم ٿيل خاندان ۾ سندس زال موتا، سندس ڌيئرون مومل ۽ ڏيلي، سندس پٽ چمن ۽ ڪلجي ۽ سندس ڀاءَ جلال شامل آهن.

ايشين ڊويلپمينٽ بينڪ جي انگن اکرن موجب سنڌ ۾ 1.7 ملين بي زمين هاري پنج ضلعن ۾ آهن جهڙوڪ ٺٽو، دادو، بدين، ميرپور خاص ۽ عمر ڪوٽ. انهن هارين مان ڪيترائي قرض جي سزائن ۾ وڏيرن وٽ ڪم ڪرڻ تي مجبور آهن.

ذريعن موجب انهن هارين جي خاندان جي عورتن سان جنسي زيادتي پڻ ڪئي ويندي آهي. اهڙن هارين کي هڪ وڏيري کان ٻئي وڏيري وٽ وڪرو پڻ ڪيو ويندو آهي.

ذريعا