موبائل فونن ۾ قرآن جي آيتن وارا رنگ ٽون، پاڪستان ۽ ڀارت جي مسلمان عالمن جي راءِ مختلف

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

ڀارت ۽ پاڪستان جا عالم موبائل فونن ۾ قرآني آيتن وارن رنگ ٽونن جي استعمال تي ورهائجي ويا آهن. ڀارتي عالمن مخالفت ۽ پاڪستاني عالم حق ۾ راءِ ڌئي رهيا آهن.

ٻنهي ملڪن ۾ رنگ ٽونن ذريعي قرآني آيتن ۽ آذان جا آواز استعمال ۾ اچي رهيا آهن. پاڪستاني اسلامي عالمن ان کي اسلام جي تبليغ جو هڪ طريقو قرار ڏنو آهي جڏهن ته ڀارتي عالمن ان جي مخالفت ڪئي آهي.

مسئلو اهو آهي ته قرآن ۽ حديث ۾ موبائل رنگ ٽونن جي باري ۾ ڪا به وضاحت ٿيل نه آهي. ڀارت جي هڪ اسلامي عالم محمد ڪاظمي چيو آهي ته قرآن جو آيتون تفريح فراهم ڪرڻ لاءِ نه آهي.

ذريعا