موجوده حڪومت جو دور پاڪستان جي تاريخ جو سونهري دور آهي، شيخ رشيد

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته موجوده حڪومت جو دور پاڪستان جي تاريخ جو سونهري دور آهي. هن اها ڳالهه وي او جي کي هڪ انٽرويو دوران چئي.

شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن ته جيئن هن ملڪ ۾ ڪڏهن به ختم نه ٿيندڙ جمهوريت جو دور شروع ٿي سگهي.

وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته هاڻي پاڪستان جا ماڻهو هوشيار ٿي چڪا آهن ۽ انهن مخالف ڌر جي ڏنل هڙتالن جي سڏ کي ناڪام پئي ٻڻايو آهي. ماڻهو پرويز مشرف جي مثبت پالسين مان خوش آهن جنهن ڪري ماڻهن جو ڌيان اهڙن سڏن ڏانهن نٿو وڃي.

ذريعا