مورو ڀرسان سبيل بس اسٽاپ وٽ ويگن ۽ ٽرالر جي ٽڪر ۾ 22 ڄڻا مري ويا

وڪي اخبار کان

مورو ڀرسان دادو ويندي سبيل بس اسٽاپ وٽ هڪ ويگن جي ٽرالر سان ٽڪرائجي وڃڻ سان گهٽ ۾ گهٽ 22 ماڻهو حادثي جو شڪار ٿي ويا، مري ويلن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا پڻ شامل آهن ۽ هڪ ئي خاندان جا چار ڀاتي پڻ شامل آهن. حادثي ۾ ست کان وڌيڪ ماڻهو زخمي پڻ ٿيا جن مان گهڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

چيو ويو آهي ته ويگن جي مختلف حصن کي ڪٽي زخمين ۽ لاشن کي ٻاهر ڪڍيو ويو. حادثو خميس ڏينهن 3 بجي ڌاري ان وقت پيش آيو جڏهن تيز رفتار ويگن ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.

حادثي کان پوءِ ڀرپاسي جي علائقن جا ماڻهو مدد لاءِ ڊوڙي حادثي واري جاءِ تي پهتا، ۽ ويگن جي مختلف حصن کي ڪٽي زخمين ۽ مري ويلن جي لاشن کي ڪڍيو. مورو تعلقه اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي. چيو پيو وڃي ته نازڪ حالت وارن زخمين کي نوابشاهه اسپتال موڪليو ويو آهي.

ذريعا