مون جڏهن انڊيا ۽ پاڪستان ۾ تعلقات بهتر بنائڻ لاءِ ڪوششون ورتيون ته مون کي ”سيڪيورٽي رسڪ“ چيو ويو، بي نظير

وڪي اخبار کان
بينظير ڀٽو

پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم ۽ پ پ جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو چيو آهي ته انڊيا ۽ افغانستان سان تعلقات بهتر بڻايا وڃن. اها ڳالهه هن هڪ پرائيوٽ چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪئي.

هن وڌيڪ چيو ته جڏهن مون انڊيا ۽ پاڪستان جي تعلقاتن ۾ بهتري طرف پيشقدمي جي ڪوشش ڪئي ته مون کي ”سيڪيورٽي رسڪ“ قرار ڏنو ويو.

هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وزيرستان ۾ حالتن جي سڌاري تي صحيح انداز سان ڌيان نه ڏنو ويو ته افغانستان جيان پاڪستاني علائقن تي پڻ بمباري ٿي سگهي ٿي.

بينظير ڀٽو چيو ته اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي ته اَسي هزار فوجين جي موجودگيءَ ۾ ڪجهه عرب ۽ ٻيا نوجوان ڪيئن قبائلي علائقن ۾ چيڪ پوسٽون قائم ڪيو ويٺا آهن.

ذريعا