مُلا عمر پاڪستاني علائقي ڪوئٽا ۾ لڪل آهي، افغان صدر حامد ڪارزئي

وڪي اخبار کان

افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته مُلا عمر پاڪستاني علائقي ڪوئٽه ۾ لڪل آهي.

افغان صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته مُلا عمر ڪوئٽه ۾ لڪل آهي، جڏهن ته پاڪستاني حڪومت ان الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

افغان صدر دعوا ڪئي ته ڪيترائي طالبان ڪراچي ۽ ٻين علائقن ۾ روپوش آهن. هن جو چوڻ هو ته مون وٽ مشرف لاءِ پيغام آهي ته افغانستان پرامن هوندو ته پاڪستان به پرامن رهندو.

ذريعا