مُلا عمر ڏاکڻي پاڪستاني شهر ڪوئٽه ۾ لڪل آهي، افغان صدر حامد ڪارزئي

وڪي اخبار کان

افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته مُلا عمر ڏاکڻي پاڪستاني شهر ڪوئٽه ۾ لڪل آهي. هن اها ڳالهه هڪ انٽرويو دوران چئي.

افغان صدر جو وڌيڪ چوڻ هو ته طالبان پاڪستاني علائقن مان اچي ڪاروائيون ڪري رهيا آهن، هن پاڪستان تي انهن کي روڪڻ لاءِ زور ڀريو.

هن جو چوڻ هو ته اسان کي خبر آهي ته مُلا عمر ڪوئٽه ۾ موجود آهي. آمريڪا مُلا عمر جي گرفتاريءَ لاءِ اڳ ئي 10 ملين آمريڪي ڊالر انعام جو اعلان ڪري چڪو آهي.

پاڪستان حامد ڪارزئي جي اهڙي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته اسان کي خبر آهي ته مُلا عمر افغانستان ۾ آهي ۽ سموري دنيا کي پڻ اها ڄاڻ آهي ته هو ڪٿي آهي.

ذريعا