نائجيريا جو مسافر هوائي جهاز تباه، طياري ۾ 100 ماڻهو سوار هئا

وڪي اخبار کان

29 آڪٽوبر 2006

نائجيريا جو مسافر هوائي جهاز ڪري تباه ٿي ويو آهي، مسافر طياري ۾ 100 ماڻهو سوار هئا خدشو ڏيکاريو ويو آهي ته انهن مان ڪوبه سلامت نه بچيو هوندو.

چيو ويو آهي ته ان طياري ۾ نائجيريا جو روحاني اڳواڻ ۽ سلطان، محمد ميڪدو سندس پٽ ۽ ٻيا ڪيترائي اهم اڳواڻ سوار هئا جيڪي ان حادثي جو شڪار ٿي ويا آهن.

خبرن موجب ان هوائي جهاز طوفان دوران لينڊنگ پئي ڪئي جنهنڪري اهو حادثو پيش آيو.

ذريعا