ناسا چنڊ تي خلا جي کوجنا لاءِ مستقل بيس جو رٿي ڇڏيو، 2024ع ۾ انسان رهي سگهندا
ڏيک
5 ڊسمبر 2006
آمريڪي خلائي اداري ناسا چنڊ تي خلا جي کوجنا لاءِ مستقل بيس جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪو 2020ع تائين مڪمل ٿي ويندو. جڏهن ته انسانن جي چنڊ تي رهائش 2024ع ڌاري ٿي سگهندي.
ناسا جي چيف جو چوڻ هو ته چنڊ تي اهڙي قسم جي سائٽ جي چونڊ ٿي چڪي آهي جيڪا ڏکڻ پول هوندي ڇاڪاڻ ته ان سائٽ جي حالت وڌيڪ محفوظ آهي.