نامعلوم هٿياربندن پاران ڪوئٽه ايڪسپريس تي حملو، ٻه زخمي

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

نامعلوم هٿياربندن پاران ڪوئٽه ايڪسپريس تي حملي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻازخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ هڪ عورت پڻ شامل آهي.

خبر ۾ چيو ويو آهي هٿياربندن راڪيٽ پڻ فائر ڪيا پر اهي ريل گاڏي کي نه لڳا. گاڏي تي سبي ڀرسان حملو ڪيو ويو.

ٻئي طرف اهي اطلاع پڻ آهن ته بلوچ مزاحمت ڪارن دعوا ڪئي آهي ته پير ڪوه وٽ هڪ ٻي گيس پائپ لائن کي تباهه ڪيو ويو آهي. بهرحال ان واقعي جي تصديق نه ٿي سگهي آهي.

ذريعا