نصير کوسو جي گهر تي حملي خلاف احتجاج، حملي ۾ نصير کوسو جو پٽ زخمي

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار مير نصير کوسو جي گهر تي ٽن نامعلوم موٽر سائيڪل سوارن راڪيٽ فائر ڪيا آهن جنهن ۾ سندس پٽ محفوظ کوسو زخمي ٿي پيو جنهن کي ڪراچي اسپتال پهچايو ويو آهي.

خبرن موجب حملي خلاف سخت احتجاج ڪندي گهر ڪئي وئي آهي ته حمله آورن کي ترت گرفتار ڪيو وڃي. چيو ويو آهي ته حملي کان پوءِ موٽر سائيڪل سوار فائرنگ ڪندا موقعي تان فرار ٿي ويا.

پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي ۾ ٻڍو سرڪي ملوث آهي جيڪو ڌاڙيل مزار سرڪي جو ڀاءَ آهي. پوليس مزار سرڪي کي چار سال اڳ هڪ مقابلي دوران ماري ڇڏيو هو، جڏهن هو نصير کوسي جي ڪنهن مائٽ کان ٽريڪٽر جي ڦر ڪري رهيو هو. پوليس مطابق انهن نصير کوسي جي گهر تي پلاند لاءِ حملو ڪيو آهي.

ذريعا