نواز شريف سعودي عرب طرفان مليل محل خالي ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

پاڪستان مسلم ليگ جي سربراه نواز شريف سعودي عرب ۾ هڪ شاهي گهراڻي طرفان جدي ۾ مليل محل خالي ڪري ڇڏيو آهي جيڪو کيس 2000ع ۾ ان وقت ڏنو ويو هو جڏهن کيس پاڪستان مان ملڪ بدر ڪيو ويو.

ذريعن مطابق هن پنهنجو پاڻ ان محل کي خالي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رهي ته هو گذريل 9 مهينن کان لنڊن ۾ رهي پيو. مسلم ليگ جي ذريعن مطابق سعودي حڪومت اهو خالي نه ڪرايو آهي پر اهو فيصلو نواز شريف پاڻ ڪيو.

ذريعا