نيوڪليئر بم جو خالق ڊاڪٽر عبدالقدير خان اسپتال مان فارغ، سندس طبيعت سڌرندڙ

وڪي اخبار کان

پاڪستاني سائنسدان ۽ نيوڪليئر بم جي خالق ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي اسپتال مان فارغ ڪيو ويو آهي، چيو پيو وڃي ته سندس صحت بلڪل ٺيڪ آهي. ڊاڪٽر کي 16 سيپٽمبر صبح جو فارغ ڪيو ويو. ياد رهي ته ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي مشهور اسپتال آغا خان ۾ داخل هو. ڊاڪٽر خان کي قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي اهلڪارن جي سخت پهري هيٺ گهر منتقل ڪيو ويو. جتي گهر وارن کان سواءِ ڪنهن کي به ساڻس ملڻ جي اجازت نه هوندي.

ذريعا