نيٽني پاڪستاني ٽيم جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا، پاڪستان ٽرافي مان ٻاهر

وڪي اخبار کان

27 آڪٽوبر 2006

ڀارت موهالي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ پاڪستان وڇ ۾ هڪ ڏينهن واري ميچ ڏکڻ آفريڪا کٽي ورتي آهي، پاڪستان ٽرافي کان ٻاهر ٿي ويو آهي.

ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان پاڻ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ٽوٽل 213 رنسون ٺاهيون جواب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 89 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڏکڻ آفريڪا جي بالر نيٽني 5 وڪٽون ورتيون.

ميچ جي دلچسپ صورتحال ان وقت رهي جڏهن صرف 42 رنسن تي ڏکڻ آفريڪا جا 5 رانديگر آئوٽ ٿي چڪا هئا. ان کان پوءِ مارڪ بائوچر ۽ ڪيمپ وچ ۾ پارٽنرشپ جي نتيجي ۾ ٽيم جو اسڪور پوڻا ٻه سو تائين پهچي ويو. 50 اوورن تائين ڏکڻ آفريڪا 213 رنسون جوڙي سگهي.

ڏکڻ آفريڪا هاڻ جئيپور ۾ سيمي فائنل کيڏندي. ياد رهي ته هن وقت تائين ٽي ٽيمون سيمي فائنل لاءِ چونڊجي ويون آهن جن ۾ ڏکڻ آفريڪا، نيوزيلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز شامل آهن.

ايندڙ آچر تي ٿيندڙ آسٽريليا ۽ انڊيا وچ ۾ ميچ آهي جنهن مان کٽندڙ ٽيم سيمي فائنل لاءِ چونڊجي ويندي.

ذريعا