نيٽو، آمريڪي فوجن ۽ پاڪستان مان ايندڙ دهشتگردن کان اسان جا معصوم ٻار به محفوظ نه آهن، حامد ڪارزئي

وڪي اخبار کان

10 ڊسمبر 2006

افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته نيٽو، آمريڪي فوجن ۽ پاڪستان وٽان ايندڙ دهشتگردن کان اسان جا معصوم ٻار به محفوظ نه رهيا آهن.

ذريعن مطابق افغان صدر ڏکاري لهجي ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته اسان پاڪستان مان ايندڙ دهشتگردن کي روڪي نٿا سگهون ۽ اسان اتحادي فوج جي دهشتگردن خلاف ٿيندڙ حملن کي پڻ نٿا روڪي سگهون جنهن جو نشانو افغانستان جا معصوم ٻار بڻجي رهيا آهن. هن جي ان خطاب کي ٻڌندڙ به پنهنجا لڙڪ نه روڪي سگهيا.

ذريعن مطابق حامد ڪارزئي خطاب دوران وهي آيل پنهنجن لڙڪن کي رومال سان اگهندو رهيو. ٻئي طرف ڪارزئي جي ترجمان چيو آهي ته صدر کي ٻن سالن جي ٻار جي مارجي وڃڻ گهڻو ڏک پهچايو آهي.

ذريعا