نيٽو فوج افغانستان ۾ 50 شڪي طالبان کي ماري ڇڏيو، واقعو ڏکڻ افغانستان ۾ ٿيو
ڏيک
21 ڊسمبر 2006
نيٽو فوج جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته انهن 50 شڪي طالبان کي ماري ڇڏيو آهي. اهو خاص آپريشن ڏکڻ افغانستان ۾ ٿيو جنهن ۾ افغان فوجين پڻ حصو ورتو.
ذريعن مطابق طالبان جي هڪ وڏي ڳوٺ ۽ ٻن ننڍن ڳوٺن کي ڪليئر ڪيو ويو آهي. اهي ڳالهيون نيٽو جي هڪ ڪمانڊر ڪابل ۾ پريس ڪانفرنس دوران ڪيون.
اهو پڻ چيو ويو آهي ته ڪنهن به نيٽو فوجي يا افغان فوجي کي ڪوبه نقصان نه پهتو آهي.