نيٽو فوج پاران افغانستان ۾ 10 طالبان مارڻ جي دعوا، ٻه طالبان ڪمانڊر گرفتار

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

نيٽو فوج جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته افغانستان جي هيلمند صوبي ۾ نيٽو ۽ افغان فوج جي گڏيل آپريشن دوران 10 طالبان مارجي ويا آهن جڏهن ته ٻن طالبان ڪمانڊرن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

ذريعن مطابق هيلمند صوبي ۾ هڪ ڇتي ويڙهه کان پوءِ 10 طالبان کي ماريو ويو ۽ ٻن کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته هڪ نيٽو فوجي معمولي زخمي پڻ ٿيو آهي.

نيٽو فوج جي ذريعن ٻن گرفتار ڪمانڊرن بابت تفصيل جاري نه ڪيا آهن. تازي آپريشن دوران ڌماڪيدار مواد، راڪيٽ ۽ گرنيڊ هٿ ڪرڻ جي دعوا پڻ ڪئي وئي آهي.

ذريعن مطابق ٻئي طرف پوليس سان جهڙپن دوران ڪجهه شڪي طالبان ويڙهاڪن جي مارجي وڃڻ جا اطلاع پڻ آهن.

ذريعا